
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته شور مچايو پيو وڃي ته اسٽاف ليول جي معاهدي جي منظوري نه ٿيندي پر اميد آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ سيپٽمبر ۾ ان جي منظوري ڏئي ڇڏيندو، فنڊز جي فراهمي لاءِ ڪمرشل بئنڪن سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي عالمي ادارن پاران ريٽنگ ۾ بهتري سبب ڪمرشل بئنڪن جو جواب مثبت آهي، هن چيو ته گذريل هفتي سعودي ناڻي واري وزير سان ڳالهه ٻولهه به مثبت رهي، چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جو جواب مثبت آهي، دوست ملڪ پنهنجي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرن ذريعي آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ وٺندا