
ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) تقريب ۾ اسڪولي شاگردن، شاگردياڻين، استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شاگردن، شاگردياڻين پاران اصلاحي ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو، جڏهن ته ملڪ جي آزادي جي حوالي سان شاگردن سنڌي، اردو، انگريزي ۾ پڻ تقريرون ڪيون، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو جي چيئرمين سيد غلام مرتضيٰ شاهه، اسڪول جي پرنسپل سيد مظهر علي شاهه راشدي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسڪولي شاگردن ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي، مختلف ٽيبلوز ۽ تقريرون ٻڌي دل کي خوشي محسوس ٿي ته هن اداري ۾ پڙهندڙ شاگردن، شاگردياڻين ۾ بيحد ٽيلنٽ آهي، ان موقعي تي پوزيشنون حاصل ڪندڙ ۽ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن، شاگردياڻين ۾ شيلڊون ۽ انعام ڏنا ويا