
قاضي احمد ( رپورٽ: اسرار جتوئي) سنڌو درياهه جي پاڻي ۾ چاڙهه سبب قاضي احمد ڪچي واري علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن هن وقت ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان مڪمل طور تي رابطو ڪٽيل آهي ضلعي انتظاميا هن وقت تائين ڪو اپاءُ ناهي ورتو ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙيون گهرائي ڪچي کان پڪي طرف منتقل ٿي رهيا آهن