
اسلام آباد: ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي پاران 25 کان 29 آگسٽ تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي، موسميات کاتي موجب اولهه بنگال مٿان لوپريشر سسٽم موجود آهي جيڪو ايندڙ ٻن ڏينهن دوران اولهه طرف وڌندو ۽ 25 آگسٽ تي سنڌ جي ڏاکڻين علائقن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب 25 آگسٽ (رات) کان سنڌ ۾ جي ڏاکڻين علائقن ۾ تيز مون سون هوائون داخل ٿينديون جنهن ڪري 25 کان 29 آگسٽ تائين ڪراچي، حيدرآباد، دادو، ٺٽو، بدين، سجاول، شهيد بينظير آباد، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر، ننگرپارڪر، مٺي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٽياري، سانگهڙ. سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور، خيرپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ نوشهروفيروز ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ تيز برسات جو امڪان