
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي بنگلاديش خلاف 171 رنسن جي شاندار اننگز تي محمد رضوان کي شاباشي ڏني آهي.محسن نقوي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪري پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ميچ جي انتظامن جو جائزو ورتو.هن قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي سينچري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته رضوان توهان اڄ پنهنجي طاقت ڏيکاري.سندس چوڻ هو ته رضوان شاندار راند پيش ڪري پاڻ کي پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ اثاثو ثابت ڪيو، اميد ته هو ايندڙ ميچن ۾ به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو.