
جده (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو يوٽيوب تي سبسڪرائبرز جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.ڪرسٽيانو رونالڊو يوٽيوب تي پنهنجو چئنل لانچ ڪيو آهي، جنهن تي 90 منٽن ۾ کيس 10 لک ماڻهن سبسڪرائب ڪيو.رونالڊو طرفان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي گذريل ڏينهن هڪ پوسٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ هن پنهنجي يوٽيوب چئنل بابت مداحن کي ٻڌايو ۽ چيو ته منهنجي چئنل کي سبسڪرائب ڪيو ۽ ان نئين سفر ۾ مون سان شامل ٿيو.ان کان اڳ اهو رڪارڊ ڏکڻ ڪورين گلوڪارا جيني ڪم وٽ هو، جنهن کي 7 ڪلاڪن ۾ 10 لک ماڻهن سبسڪرائب ڪيو هو.ڪرسٽيانو رونالڊو جي چئنل کي هيل تائين هڪ ڪروڙ 13 لک کان وڌيڪ ماڻهو سبسڪرائب ڪري چڪا آهن ۽ ان جي هڪ وڊيو کي رڳو 13 ڪلاڪن ۾ 76 لک کان وڌيڪ واهپيدارن ڏٺو آهي.