
سيتاروڊ ( رپورٽ: عديل جانوري ) احتجاج سبب دادو ڪي اين شاھھ ننڊي سيتا راڌڻ سميت ٻين شھرن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي مسافر توڙي شهري سخت پريشان ٿي ويا ٽي ڪلاڪ گذرڻ بعد سيتا پوليس پھچي ڌرڻو ختم ڪرايو ان موقعي تي هاف فرائي ٿيل عظيم سولنگي جي وارثن ڀاءُ زاھد حسين، امڙ زرينا، افروز خاتون ۽ ٻين چيو ته اسان جو ڇوڪرو بيڪري تي ڪم ڪندو هو ڪم تان واپسي اچي هوٽل تي ويٺو جتان پوليس کڻي کيس ڌاڙيل ڄاڻائي گوليون هنيون آهن اسان جو ڇوڪرو بيگناهه آهي سندس ڪو به ڪرمنل ريڪارڊ ڪونھي وس وارا مامري جو نوٽيس وٺي اسان انصاف ڪن