
شڪارپور: ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) لکيدر ٿاڻي جي حد بيگاري لڳ لوھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ جديد ھٿيارن سان ھڪٻ ئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اھلڪار سميت ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته زمين جي پراڻي مامري تان لوھر برادري جي ٻن ڌرين شيرو عرف علي شير ۽مرزان لوھر ۾تڪرار ھلندڙ ھو ڪورٽ کان واپس ايندي شيرو ڌر جي جوابدارن جديد ھٿيارن سان حملو ڪري ڏنو، حملي سبب پوليس اھلڪار 46 ساله ويرم ولد آدم لوھر 48 ساله عبدالقادر ولد نياز محمد، 44 ساله مرزان ولد آدم لوھر قتل ٿي ويا ٻئي پاسي پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا