
(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا عائشه ٽاڪيا سوشل ميڊيا صارفين جي ٽرولنگ کان تنگ اچي پنهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو، سپر اسٽار سلمان خان جي فلم ”وانٽيڊ“ سان شهرت ماڻيندڙ اداڪاره عائشه ٽاڪيا جيڪا هاڻي عائشه فرحان آهي، ڪافي عرصي کان فلمي دنيا کان پري آهي، پر هوءَ سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن سان جڙيل رهي ٿي، تازو ئي عائشه ٽاڪيا انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي هئي جنهن تي سندس مداح حيران رهجي ويا هئا، ڇو ته هوءَ پنهنجي نئين روپ ۾ بلڪل اڻڄاتل لڳي رهي هئي اداڪارا جو اهو نئون انداز سندس مداحن کي بلڪل به پسند نه آيو ان انداز تي ڪيترن ئي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو، هڪ صارف حيران ٿي ويو ۽ پڇيو ته ڇا هي عائشه ٽاڪيا آهي؟ هڪ مداح لکيو ته توهان کي ڪڏهن بالي ووڊ جي راڻي سڏيو ويندو هو. هڪ لکيو ته ”ڇا تون ٽارزن دا ونڊر ڪار واري ڪيوٽ عائشه ٽاڪيا آهين پاڻ کي ايترو تبديل ڇو ڪيو اٿئي؟