
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسرار حسن لغاري ) اجلاس ۾ عھديدارن ۽ ميمبرن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت، پريس ڪلب ۽ ان جي ھر ميمبر خلاف ٿيندڙ ھرسازش جو مقابلو ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو، صدر اعظم سھرياڻي کي جوا مافيا پاران ملندڙ موت مار ڌمڪين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، اطلاعات سيڪريٽري ڏھرڪي پريس ڪلب ڏھرڪي محمد صادق لغاري اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جو تفصيل ٻڌايو هن چيو ته ڏهرڪي پريس ڪلب سدائين مظلومن جو آواز بڻيو آھي اهڙي ريت سدائين مظلوم جو آواز بڻجندا رهنداسين، پريس ڪلب جھڙي عظيم اداري ۽ ان جي ھر ميمبر خلاف ٿيندڙ ھر سازش خلاف گڏجي مقابلو ڪري ناڪام بڻائينداسين ۽ اسين پنهنجي ممبرن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻو ٿا، صدر اعظم سهرياڻي جو چوڻ هو ته پريس ڪلب جي سالميت خلاف ٿيندڙ ھر سازش جو مقابلو ڪبو، پريس ڪلب جي صدر اعظم سهرياڻي ڏھرڪي شھر توڙي پسگردائي ۾ جوا جا اڏا سرعام ھلڻ ۽ ٻين وڌندڙ سماجي براين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوليس کان فوري طور ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي