
لاڙڪاڻو ( رپورٽ: مجتبيٰ جتوئي ) ٻنهي شهيدن جي جنازي نماز شهر جي شيخ امام بارگاهه ۾ ادا ڪئي وئي جتي شهر جي مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻن توڙي شهرين وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شهيدن جي وارثن جو چوڻ هو ته تمام افسوس جي ڳالهه آهي ته سالار کي اسان جي زوارن ڪراچي کان چيو ته ڪوچ جي خراب آهي جيڪا مٽائي ڏني وڃي ته جيئن منزل تي بهتر نموني سان سفر طئي ڪري سگهون پر ان هڪ ٻئي به ٻڌي جنهن جي غفلت سبب اهو واقعو پيش آيو آهي