
ميهڙ ( رپورٽ عبدالرحمان چانڊيو ) ڪاسائي محلا ۾ هوٽل جو زھريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي بيهوش ٿي ويا هئا جن مان 12 ورهين جو نينگر جنيد ۽ ناري طيبه حياتيون وڃائي ويٺا سندس صدمي ۾ سندن امڙ به فوت ٿي وئي ياد رهي ته ميھڙ جي مشھور فوٽو گرافر سڪندر شيخ گھر ڀاتين لاءِ ھوٽل تان کاڌو گھرائيو هو جيڪو کائڻ کان پوءِ سڪندر شيخ، جنيد شيخ، جواد شيخ، نوجوان نياڻي طيبه شيخ بيھوش ٿي ويا، جن کي تعلقه اسپتال ميھڙ آندو ويو، جن مان 12 ورھين جو جنيد ۽ نياڻي طيبه شيخ فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته سندن جو والد سڪندر شيخ ۽ سندس پٽ جواد شيخ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي هوڏانهن سڪندر شيخ جي ڀاءُ امتياز شيخ ٻڌايو ته کاڌي کائڻ سان ئي فوڊ پوائزن ٿي ويو، جنھن سبب اھو واقعو پيش آيو اسين مطالبو ٿا ڪيون ته ھن افسوس ناڪ واقعي جي انڪوائري ڪئي وڃي