
ميرپورماٿيلو ( ويب ڊيسڪ ) پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ سردارزاده مير نور محمد خان لنڊ جي حڪم تي يونين ڪائونسل يارولنڊ جي ڳوٺ بهار شاهه ۾ انٽرنيشنل معيار تي روڊ جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو ويو ، مختلف ڳوٺن کي هڪ ٻئي سان ملائيندڙ لنڪ روڊ جو ڪم شروع ٿيڻ سان علائقي واسين ماستر فضل الحق، عبدالمجيد، ڊاڪٽر اسرار احمد لنڊ ۽ ٻين پاڪستان پيپلز پارٽي ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ سردارزاده مير نور محمد خان لنڊ جو شڪريو ادا ڪيو آهي هنن جو چوڻ آهي ته ٻن ڪلوميٽرن تي مشتمل روڊ تي ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ اچن ٿا جن کي هڪ ٻئي سان ملائڻ لاءِ رستو انتهائي خراب هو اسين پ پ ايم اين اي جا شڪرگزار آهيون جن اسان کي تمام بهترين روڊ ڏئي اسان جي مشڪل آسان ڪئي آهي هوڏانهن لنڊ گروپ ڏهرڪي ترجمان ڊاڪٽر انعام لنڊ جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته علائقي سان سهڪار ۾ رهون اهو تسلسل هميشه برقرار رهندو ڇو جو خالد آباد جي خانن هميشه امن، پيار ڀائچاري ۽ علائقي جي ڀلائي جو سوچيو آهي