
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي ۽ ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي پاران ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو پهچي ڊائلاسز سينٽر، سي سي يو ۽ ٽراما سينٽر سميت مختلف شعبن جو دورو ڪري مريضن کان معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جي تمام گهڻي کوٽ آهي جنهن سبب اسپتالن جي ڪاڪردگي متاثر ٿئي پئي، ان سلسلي ۾ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي سفارش ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسپتالن کي عملو ملي سگهي، ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ڳالهائيندي چيو ته اسان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کي جديد ۽ عوام لاءِ فائديمند بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ تعميري ڪم جاري آهي