
نئون ديرو ( رپورٽ: وقار ڀٽو ) ايران جي شھر يزد ۾ لاڙڪاڻي جي زائرين سان پيش آيل حادثي ۾ فوت ٿيل نئون ديرو لڳ ڳوٺ جوڻيجا واسي 34 ورھين جي محسن پٽ حسن علي جوڻيجو ۽ سندس ماسات آفاق احمد جوڻيجو جو مڙهه ايران مان خصوصي جھاز ذريعي جيڪب آباد پھچايو ويو، جتان سندن وارثن ايمبولنس ذريعي لاش ڳوٺ جوڻيجا پھچايا فوتين جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ياد رھي ته ايران روڊ حادثي ۾ محسن جوڻيجو زخمي ٿي پيو ھيو جيڪو ايران جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ۽ حادثي آفاق احمد جوڻيجو ٿڏي تي فوت ٿي ويو هو جنازه نماز بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا جڏهن ته سندن جو تڏو ڳوٺ ڪٻڙو ۾ وڇايو ويو آهي جتي پوئنرن سان تعذيت هلندڙ آهي