
اوٻاوڙو: ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) اوٻاوڙو ڀرسان 2 ڏينهن اڳ ماڇڪو سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ 12 پوليس اهلڪارن ۽ زخمي اهلڪارن جو ڪيس 131 بدنام ڏوهارين خلاف داخل ڪيو ويو، ڪيس ڌاڙيل ثنو شر، علي گل شر، ڌاڙيل تنوير انڊهڙ، ڌاڙيل زبرو ڪوش جي ٽولن سميت131 ڏوهارين خلاف ماڇڪو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ دهشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪچي ۾ 3 ٽولا دهشت جي علامت بڻيل آهن انھن خلاف اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي