
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) اوٻاوڙو ڀرسان 2 ڏينهن اڳ هٿياربندن ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي فتح پور وٽ 12 اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ بعد ڏوهاري هڪ ڄڻي پوليس اهلڪار احمد نواز کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا، ڏوهارين اغوا ٿيل پوليس اهلڪار احمد نواز جي زنجيرن ۾ ٻڌل وڊيو وائرل ڪئي آهي، ڌاڙيلن جي قيد ۾ آيل اهلڪار ويڊيو بيان ۾ آئي جي پنجاب ۽ وزير اعليٰ پنجاب کي ٻانهون ٻڌي اپيل ڪري رهيو آهي ته مون کي ڏوهارين جي چنبي مان بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڏوهاري مون کي ماري ڇڏيندا، اهلڪار جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڌاڙيلن اڄ پنج وڳي تائين ٽائيم ڏنو آهي جيڪڏهن ڏوهارين جا مطالبا نه مڃان ويا ته مونکي قتل ڪري ڇڏيندا مونکي بچايو وڃي