
عمرڪوٽ ( رپورٽ: جلال شر ) عمرڪوٽ ڀرسان غلام نبي شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ممتاز پلي جي رھواسي ھادي بخش سولنگي ٻن نامعلوم ماڻهن سان گڏجي گذريل رات دير سان سھري جي گھر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي فائرنگ ۾ سندس زال نبيعت سولنگي، ولائي زال شفيع محمد سولنگي ۽ پيرسن عورت سميت ٽئي عورتون زخمي ٿي پيون، زخمي عورتن کي تعلقا اسپتال پٿورو آندو ويو، کين عمرڪوٽ اسپتال ريفر ڪيو ويو جتان هڪ عورت جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کيس سريس حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي جڏهن ته پوليس موجب واقعي جو اڃان تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي