
ڀريا روڊ ( رپورٽر ) ڀرياسٽي جي مين روڊ تي ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم هٿياربندن پاران پيٽرول پمپ ملازم کي يرغمال بڻائي هٿيارن جي روز تي لکين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، شاهجان جوکيو جي پيٽرول پمپ تي ٻن موٽرسائيڪلن تي هٿياربندن پيٽرول پمپ ملازم توفيق ڪلهوڙو کي يرغمال بڻائي موبائل فون ۽ لکين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڀريا ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، پيٽرول پمپ ملازم توفيق ڪلهوڙي ٻڌايو ته نامعلوم هٿياربندن ڏينهن ڏٺو جو ٻن موٽرسائيڪلن تي سرعام آيا ۽ مون کي يرغمال بنائڻ بعد موبائيل فون ۽ لکين روپيا روڪ رقم ٻهاري فرار ٿي ويا