
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انڪشاف ٿيو آهي ته رڳو ملڪ ۾ پي او ايل جي شين جي سمگلنگ سبب ملڪ کي ساليانو هڪ ارب ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي
روزانو اٽڪل 10 ملين ليٽر پيٽروليم مصنوعات زميني ۽ سامونڊي رستن ذريعي پاڪستان ۾ اسمگل ٿينديون آهن، جيڪو پاڪستان جي سالياني واهپي جو 20 سيڪڙو آهي ۽ قومي خزاني کي اٽڪل هڪ ارب ڊالرن جو وڏو نقصان پهچندو آهي.
اها تلخ حقيقت OCAC (آئيل ڪمپنيز ايڊوائيزري ڪائونسل) پاران جمعي تي لکيل خط ۾ سامهون آئي آهي جنهن ۾ اوگرا جي چيئرمين کي مخاطب ٿيندي چيو ويو آهي ته پي او ايل جي شين جي اسمگلنگ ۾ نئين واڌ ملڪ جي تيل جي صنعت کي سنگين نقصان جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي