
خيرپور ناٿن شاهه ( رپورٽ: عرفان مشوري ) خيرپور ناٿن شاهه ۾ يوٿ پارليامنٽ تنظيم پاران ايف پي بچاءَ بند تي حفاظتي بند مضبوط نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي نعرا لکيل هئا هوڏانهن سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، يوٿ پارليامنٽ تنظيم جي اڳواڻ حسين لغاري، امجد گاڏهي ۽ ٻين چيو ته 2022 جي هٿرادو ٻوڏ بعد ڪي اين شاهه جي حفاظتي بندن جي مرمت لاءِ حڪومت پاران اربين روپيا رکيا هئا جيڪي ڪرپشن جي نظر ٿي ويا آهن
۽ هن وقت به ڪي اين شاهه ۽ آس پاس جا علائقا ٻوڏ جي خطري هيٺ آهن، ان ڪري اسان جي جدوجھد بندن جي مرمت ٿيڻ ۽ پراڻي ڪاري موري جو ملبو ڪڍڻ تائين جاري رهندي