
ميهڙ ( رپورٽ: عبدالرحمان چانڊيو ) ڳوٺ غلام حسين بروھي واسي ڳوٺاڻن غلام حسين بروھي، نصرالله بروھي، عبدالسلام بروھي ۽ ٻين چيو ته 2022 کان وٺي ھن وقت تائين اسان جي ڪنهن به سار ناھي لڌي، گھر سروي ۾ به اسان جا نالا ناھن آيا، ڳوٺ ڏي ايندڙ روڊ جو ڪم به مڪمل ٿي نه سگهيو آهي، اسان جي گھرن ۾ پيل سامان ۽ اناج ٻڏي ويو آهي، وس وارا اسان جي سهائتا ڪن