
نصير آباد ( رپورٽر ) ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 11 جو چونڊيل جنرل ڪائونسلر ممتاز علي رڏ 65 ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازه نماز شاهه لطيف پبلڪ پارڪ ۾ادا ڪئي وئي، جنازه نماز ۾ شھر جي سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن، پ پ ورڪرن، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مرحوم کي عالم قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن ٽائون چيئرمين انجنيئر محمد يوسف ڇٽو، ڪائونسلر بخش علي چانڊيو، حاجي وزير ڦلپوٽو، وائيس چيئرمين ضمير حسين مسڻ، پ پ سٽي صدر راجا وسيم شيخ، ڪائونسلر حاجي محمد رفيق شيخ، ڪائونسلر حافظ عبدالرئوف شيخ ۽ ٻين مرحوم جي پوئيرن سان تعزيت ڪئي آهي