
نيو سعيد آباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) اسان مٿان ايندڙ آفتون اسان جا اعمال ناما آھن جن کي اسان پاڻ پھنجي لاءِ آندو آھي انسان رب کان پري ٿيندو ويندو ته عذاب به اهڙا ئي ايندا، اھڙن خيالن جو اظهار جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ حضرت مولانا پير عبدالرحمان نقشبندي نيوسعيد آباد جي مسجد اقصيٰ ۾ سيرت النبي ڪانفرنس جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته ھي برسات رحمت آھي پر انسان رب کان غافل ٿي ويو آهي جنهن ڪري اهڙا عذاب اچن پيا، اڳ برسات ۾ انسان خوشيون ملهائيندا ھئا ته رب تعالىٰ اسان وٽ رحمت موڪلي آھي، پر هينئر رحمت جي برسات زحمت بڻيل آهي ان موقعي تي مسجد اقصيٰ جي خطيب مولانا سميع الله، مولانا اڪبر، مولانا غفران، مولانا شيراز احمد ميمڻ، مولانا رمضان، مولانا قربان ملڪ، قاري خليل الرحمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي