
راڻيپور ( رپورٽ: عنايت سهتو ) ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ مين پرائمري اسڪول ڄامڙا جي هيڊماسٽر بشير احمد ڄامڙو ، استاد عبدالمجيد وساڻ جي اڳواڻي ۾ علم آزادي، جهالت غلامي جي عنوان هيٺ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر استاد بشير احمد ڄامڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نئين تعليمي سال ۾ والدين کي گهرجي ته پنهنجي معصوم ٻارڙن کي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرائن، ان حوالي سان ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کي دعوت ڏئي رهيا آھيون ته پنهنجي معصوم ٻارڙن کي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرائي پنهنجو قومي فرض پورو ڪن ڇو ته پرائمري اسڪول شاگردن جي پهرين درسگاهه هجن ٿا