
سامارو ( رپورٽ: دليپ ڪمار ) ڳوٺ صالح ڀنڀرو ڀرسان 50 ساله ھاري پريم پٽ رامشي ڪولھي بصر جي فصل ۾ برساتي پاڻي ڏسي بيهوش ٿي ويو جنھن کي وارثن کڻائي سامارو اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران پيرسن جي فوت ٿي جي تصديق ڪئي، ان موقعي تي فوتي ھاري جي وارثن ڳالهائيندي چيو ته اسان جو پيرسن ھاري پريم ڪولھي زمين تي پوکيل بصرن جي فصل ۾ برساتي پاڻي ڏسي بيھوش ٿي ويو جنهن کي بيهوشي جي حالت ۾ کڻائي اسپتال منتقل ڪيو آهي جتي ڊاڪٽرن پيرسن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي ٻئي پاسي فوتي ھاري جو لاش گهر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو