
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) پ پ ايم پي اي ريحانا لغاري، ايم پي هير سوهو ۽ تعلقي صدر سجاول ڊاڪٽر اقبال احمد ميمڻ تيز طوفاني برسات ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سجاول جي بنيادي سهولتن کان وانجهيل وارڊ نمبر هڪ جو دورو ڪيو، جتي ٽائون آفيسر سجاول ڊيوٽي تان غائب هو، جنهن تي اڳواڻن سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته ٽائون آفيسر سجاول هڪ غير ذميوار ۽ نااهل آهي، اسان هن کي وزٽ بابت به آگاهه ڪيو هو پر هتي بگڙيل صورتحال بابت پڇاڻي کان لنوائي ويو آهي ۽ اهڙي سندس لاپرواهي ۽ نااهلي سبب سجاول جو عوام برساتي پاڻي ۾ ٻڏي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته هن ايمرجنسي صورتحال ۾ به ٽائون چئرمين گم آهي ته شهرين جي مالڪي ڪير ڪندو