
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) طوفاني برساتن بعد ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه،ڳوٺ محمد ملاح، ڳوٺ محمد صديق اوٺار سميت ڀرپاسي جا ڪيترائي ڳوٺ مڪمل طور تي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان رابطو پڻ ڪٽيل آهي جڏهن ته برساتي پاڻيءَ سبب ڪيترائي سبزين ۽ سارين سميت ٻيا فصل تباهه ٿي چڪا آهن، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن