
ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) ڀٽ شاهه شهر ۾ ٽائون چيئرمين سيد خاور حسين شاهه لطيفي پاران دورو ڪيو ويو، جتي هن وارڊ نمبر 2 جي مختلف علائقن جو جائزو ورتو ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينون لڳرايون، جڏهن ته لوڪل انتظاميه کي هدايت ڪئي ته گندگي جي پڻ صفائي ڪرائي وڃي، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڀٽ شاهه ڳالهائيندي چيو ته گئس لائن جي کوٽائي سبب جن علائقن ۾ پيور بلاڪ پٽجي ويو آهي انھن علائقن ۾ جلد مرمتي جو ڪم شروع ڪرائينداسين، هن وڌيڪ چيو ته سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي خاص حڪم تي شھر جي ڪافي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڇڏيو آھي جن علائقن ۾ هن وقت به برساتي پاڻي موجود آھي انھن علائقن مان به جلد نيڪال ڪرايو ويندو، ان موقعي تي ٽائون آفيسر سيد محسن شاه، ابوذر شاه لطيفي، سيد اقرار شاهه لطيفي سيد ھاشم شاهه، فوجي رستم چوھاڻ، صادق چوھاڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا