
ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) مبينا غلط علاج سبب اپاهج بڻيل ڪلهوڙا ڪالوني واسڻ ڳورهاري 25 ساله عورت فرحانه ڪلهوڙو جي حالت بدستور خراب آهي، عورت جو اڌ حصو سن ٿي چڪو جڏهن ته عورت کي رت جون الٽيون پڻ اچڻ لڳيون آهن، هوڏانهن عورت جي مڙس گلشير ڪلهوڙو جو چوڻ آهي ته منهنجي زال کي ٽيون مهينو پيٽ آهي جنهن کي علاج لاءِ ڊاڪٽر فرحان خانزاده وٽ علاج لاءِ وٺي وياسين ڊاڪٽر جي غلط علاج سبب منهنجي گهرواري جي حالت خراب ٿي چڪي آهي هن چيو ته منهنجي گهرواري جي هڪ ٻانهن سڄي وئي آهي ۽ جسم جو هڪ پاسو سن ٿي چڪو آهي، هن چيو ته منهنجي گهرواري اپاهج بڻيل آهي وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي ڄاڻايل ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي