
سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) غوثيه اسڪائوٽ فورس جي چيئرمين منير احمد چنا جي اڳواڻي ۾ جشن عيد ميلاد نبي صلعم جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي ريلي سڳيون جي مين شاهي بازار کان ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن ۽ مختلف ڳوٺن کان ٿيندي ايس ايم بچاءَ بند تي پهتي رات جو دير سان شڪراني جو سجدو ادا ڪيو ويو ۽ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلع، جي آمد جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، وک وک تي لنگر، مٺي پاڻيءَ جون سبيلون لڳايون ويون ۽ مٺايون پڻ تقسيم ڪيون ويون، ان موقعي تي عاشقانِ رسول صلعم جو چوڻ هو ته ٻنهي جهانن جي سردار جي آمد جو ڏهاڙو اسان مزهبي جوش ۽ جذبي ۽ عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندا آهيون،