
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان 3 ڏينھن اڳ زرعي زمين تي پاڻي ڏيڻ ويل 2 عبداللطيف مستوئي ۽ عبدالوحيد مستوئي مبينا طور اغوا ٿي ويا هئا، ٻنهي مغوين جي وارثن کان ڏوهارين پاران 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، هوڏانهن کنڀڙا ٿاڻي تي مغوين جي وارثن ڀنڀو خان جي فرياد تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، کنڀڙا پوليس جو چوڻ آهي ته مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، هوڏانهن مغوين جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي