
خيرپور ناٿن شاهه ( رپورٽ: عرفان مشوري ) شهباز ڪالوني جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلعم جي ولادت باسعادت جي خوشي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي جڏهن ته اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران نعتون پيش ڪري محفل ۾ شريڪ عاشقانِ رسول صلعم کي جهومائي ڇڏيو، ان موقعي تي استادن حاجي خان چانڊيو، امتياز حسين جويو ۽ ٻين محفل ميلاد کي خطاب ڪيو سندن چوڻ هو ته رسول خدا حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي عالم انسانيت لاءِ بهترين نمونو آهي، هنن چيو ته ميلاد ملهائڻ جو مقصد رسول خدا حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم سان عقيدت ۽ محبت جو پيغام ڏيڻ آهي جڏهن ته تقريب ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو ۽ آخر ۾ لنگر نياز تقسيم ڪيو ويو