
گهوٽڪي ( ويب ڊيسڪ ) روڊ جي هلندڙ ترقياتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪانٽريڪٽر اسد الله شيخ پهتو، ڪانٽريڪٽر صحافين کي ٻڌايو ته بائڪو پمپ کان ڳوٺ چنگلاڻي تائين روڊ جي اسڪيم پ پ سينيٽر ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ڄام آصف رزاق ڌاريجو جي ڏنل آهي، جنهن سان گهوٽڪي، عادلپور، کوهارا، ڳوٺ مسو ڪلوڙ، ڳوٺ مغل ڪلوڙ ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن جي هزارين ماڻهن کي سفري اچ وڃ ۾ فائدو ٿيندو، ان کانسواءِ خانپورمهر، خانڳڙهه، صالح مهر، ڌاماجي، جان محمد سوسائٽي، لاکو لنجاري ۽ ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊن تائين پهچڻ ۾ به ماڻهن کي آساني ٿيندي، هن چيو ته روڊ جي ٻيهر تعمير علائقي جي هزارين ماڻهن جو اهم مطالبو هو، جنهن کي پ پ سينيٽر ڄام سيف الله ڌاريجو، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ميونسپل ڪميٽي جي چئيرمين ڄام آصف رزاق ڌاريجو جي گڏيل ڪوششن سان پورو ڪيو ويو آهي، اسد الله شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته روڊ جي تعمير جو ڪم ڪجهه عرصو رڪيل هجڻ جو سبب سنڌ حڪومت پاران ٽيڪنيڪل معاملن سبب فنڊ رليز ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ هو، ڌاريجا ڀائرن جي ڀرپور ڪوششن سان فنڊ وٺي ٻيهر ڪم شروع ڪرايو ويو آهي، ڪجهه وقت لاءِ علائقي واسين کي جيڪا تڪليف آئي، ان جو اسان کي احساس آهي، هن چيو ته روڊ جي تعمير ۾ معيار تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي وئي آهي، ڪارپيٽ جي ڪم ۾ جديد مشينري جو استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ وڏي انگ ۾ ليبر کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪم جلد کان جلد مڪمل ٿي سگهي، ٻئي طرف روڊ جي تعمير جو ڪم ٻيهر شروع ٿيڻ تي علائقي واسين خوشي جو اظهار ڪيو آهي