
گهوٽڪي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي صدر مير بابر علي خان لنڊ جي هدايتن تي گهوٽڪي ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 36هين سالگرهه جون تقريبون منعقد ڪيون ويون، ڪيڪ ڪاٽيا ويا، جڏهن ته مک تقريب ضلعي هيڊ ڪوارٽر ميرپورماٿيلو ۾ تعلقي صدر رياض ميراڻي، نائب صدر الهه ڏوايو ڪنڀر، آفيس سيڪريٽري محمد علي شيخ، نياز حيدراڻي، آفتاب ڪلوڙ، اشفاق ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منعقد ڪئي وئي ۽ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب ۾ پ پ ورڪرن ۽ عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 36هين سالگرهه جي ڏهاڙي تي پ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر علي خان لنڊ پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 36هين سالگرهه جو ڏهاڙو آهي، اسان جي نوجوان چيئرمين مان ورڪرن جيالن ۽ عام عوام کي تمام گهڻيون اميدون آهن، هن وزير خارجه طور اقوامِ متحده ۾ تاريخي خطاب ڪري ثابت ڪيو ته هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو وارث آهي