
ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) ڀٽ شاهه واسي سيد جمن شاهه لڪياري جي گرفتاري خلاف شھرين طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، سيد علي نواز شاهه لڪياري، سيد سلطان شاهه، سيد شھزور شاهه ۽ سيد حاڪم علي شاهه لڪياري جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان دنبوره چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سيد جمن شاهه ڀٽ شاهه جو عزتدار شريف سيد آھي، جنهن کي ڀٽ شاهه پوليس ۽ سي آئي اي پوليس رات جو ضروري ڪم جي بهاني گهرائي کيس گرفتار ڪري مٿس مشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا هن چيو ته ايس ايس پي مٽياري ۽ ايس ايڇ او ڀٽ شاهه بااثر ماڻھن جي ونگار وهي رهيا آھن اسان خلاف سياسي انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن نوٽيس ورتو وڃي