
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) سيمينار ۾ ڊي اي او پرائمري سيد اسرار احمد شاهه، ڊي اي او سيڪنڊري عبدالمالڪ بلو سميت ٽي اي اوز، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، محتسب اعليٰ سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر گل حسن شيخ جو چوڻ هو ته عام ماڻهو پنهنجون شڪايتون کڻي اچن، کين انصاف فراهم ڪيو ويندو، اسان جي آفيس هر وقت عوام لاءِ کليل آهي، هن وڌيڪ چيو ته محتسب اعليٰ سنڌ محمد سهيل راجپوت جي هدايتن مطابق عام ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي، اسان وٽ شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ ڪنهن وڪيل جي ضرورت ناهي، سادي ڪاغذ تي درخواست لکي شڪايت جمع ڪرائي سگهجي ٿي، هن چيو ته ريجنل آفيس گهوٽڪي عام ماڻهن توڙي سرڪاري ملازمن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آگاهي سيمينار منعقد ڪرڻ جو مقصد عوام کي آگاهي ڏيڻ آهي ته جيئن هو پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ريجنل آفيس سان رابطو ڪن