
سوشل ميڊيا تي پنهنجي مزاحيه ڳائڻ سان مشهور ٿيڻ واري چاهت فتح علي خان ڀارتي فلمساز ڪرن جوهر لاءِ پيغام جاري ڪيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ چاهت فتح علي خان پنهنجو گانو ”توبه توبه“ رليز ڪيو هو، جيڪو اصل ۾ مشهور ڀارتي ڳائڻي ڪرن اوجلا جي ڳايل بالي ووڊ جي مشهور گاني ”توبا توبا“ جي نقل آهي.
چاهت فتح ڪرن جوهر کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان مون کي موقعو ڏيو ته مان توهان جي هڪ فلم ۾ مفت ۾ ڪم ڪندس.