
( ويب ڊيسڪ ) سرڪار جي فرياد تي داخل ٿيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميرپورخاص ڀرسان دلبر مهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ فوجي رانگهڙ ۾ مبينا طور جسم فروشي جو ڌنڌو ڪندڙ ماءُ راڻي ڪولهي پنهنجي 13 ساله نابالغ ڌيءَ ڪيسو ڪولهي کي جسم فروشي لاءِ نامعلوم ماڻهن حوالي ڪيو
مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري جي حالت نازڪ ٿي وئي ۽ کيس بيهوشي جي حالت ۾ مقامي اسپتال آندو ويو جتان نينگري جي حالت نازڪ هئڻ تي کيس حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، اهڙي واقعي کانپوءِ نينگري ڪيسو ڪولهي جي ماءُ راڻي ڪولهي ۽ هيرو ڪولهي مٿان سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،