
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير جي اڳوڻي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري خلاف وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي،
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڏي وزير جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي ڀينرن سندن ڀاءُ خلاف وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي،
عدالت آءِ جي سنڌ کي اسماعيل ڏاهري خلاف وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، وڏي وزير جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي ڀينرن درخواست ۾ چيو ته اسماعيل ڏاهري آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهيو هو، ان تي حڪمران جماعت ناراض ٿي وئي آهي