
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) رستم شهر ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان استاد صدام مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن سکر شڪارپور روڊ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن چيو ته اسان جي نوجوان جي قتل کي 34 ڏينھن گذري چڪا آھن، پوليس جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي سري، نوجوان جا قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي