
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته گذريل سال 2023 ۾ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو ٽي بي سان متاثر ٿيا،
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال ٽي بي جي بيماري سان وڙهندي 12 لک ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن
رپورٽ موجب، ٽي بي ڪورونا کان وڌيڪ وبائي صورت اختيار ڪندي موت جو سبب بڻجي رهيو آهي
عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ڏکڻ اوڀر ايشيا، آفريڪا، ڀارت، انڊونيشيا، چين، فلپائن ۽ پاڪستان ٽي بي جي بيماري کان سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقا آهن جن ۾ ٽي بي جا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ مريض ظاهر ٿين ٿا،