
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڪشمور مان پنجاب پوليس هٿان مبينا طور کنڀيل خانگي ٽي وي چئنل جو رپورٽر 8 ڏينهن گذرڻ باوجود به آزاد ناهي ٿي سگهيو، صحافي برادري طرفان مسلسل احتجاجن باوجود به انتظاميه مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل آهي، جڏهن ته اهڙي واقعي بعد صحافي برادري ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، صحافتي تنظيمن جو چوڻ آهي ته کنڀيل گم ڪيل ڪشمور جي بيباڪ صحافي خان محمد شر کي آزاد ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي