
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) شهريار شر حملي ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ايس ايڇ او شڪور لاکو کي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو
جوابدار جي وڪيل استدعا ڪئي ته اڳوڻي ايس ايڇ او شڪور لاکو کي جيل موڪليو وڃي، جڏهن ته عدالت جوابدار شڪور لاکو کي جيل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي، جڏهن ته فريادي جي وڪيل چيو ته شڪور لاکو کي گهوٽڪي پوليس جوابدارن بجائي مهمان ڪري عدالت وٺي اچي ٿي