
( ماينٽرنگ ڊيسڪ ) سانگهڙ ۾ پسند جي شادي نه ٿيڻ تي ماءُ، ٻن ڀينرن ۽ ڀيڻويئي کي قتل ڪندڙ نوجوان مبينا طور ٿاڻي ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي
پوليس موجب جهول ڀرسان ڳوٺ علي جان مري ۾ جوابدار پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪرڻ پئي چاهيو، پر والدين انڪار ڪيو جنهن تي جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي گهرڀاتين تي فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ ماءُ، ٻه ڀينرون ۽ سندس ڀيڻوئو موقعي تي ئي قتل ٿي ويا
ڊي آءِ جي پرويز چانڊيو جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو هو، جوابدار ٿاڻي اندر پاڻ کي گوليون هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي،
ڊي آءِ جي موجب جوابدار هوائي فائرنگ بعد پاڻ کي مٿي ۾ گولي هڻي خودڪشي ڪئي،
ڊي آءِ جي جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ ايس ايڇ او جھول کي معطل ڪيو ويو آهي، مامري جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي