
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڀارت جي مشهور مزاحيه ڊرامي ”تارڪ مهتا ڪا الٽا چشما“ ۾ جيٺا لال جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار دليپ جوشي ۽ ڊرامي جي پروڊيوسر اسيت ڪمار مودي وچ ۾ تڪرار ٿي پيو آهي،
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي ۾ جهيڙو اگسٽ جي شروعات ۾ ٿيو ۽ تلخ ڪلامي کان شروع ٿيل جهيڙو ان حد تائين پهچي ويو جو دليپ جوشي اسيت ڪمار جي گريبان پڪڙي ورتي
ڀارتي ميڊيا موجب جهيڙي جو سبب دليپ جوشي پاران اسيت ڪمار کان ڪجهه ڏينهن جي موڪل جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي اسيت ڪمار اجازت نه ڏني ۽ هن سان صحيح ڍنگ سان ڳالهائڻ به پسند نه ڪيو، جنهن تي دليپ جوشي ناراض ٿي ويو
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب شوٽنگ جي آخري ڏينهن تي دليپ جوشي اسيت ڪمار جي آفيس ٻاهران انتظار ڪري رهيو هو ته هو ٻاهر اچي ۽ ساڻس موڪل بابت ڪجهه ڳالهائي، پر جڏهن اسيت ڪمار ٻاهر آيو ته هن دليپ جوشي کي نظر انداز ڪيو