
مانسهرا (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ڌرڻو هڪ تحريڪ آهي جيڪا جاري آهي ۽ عمران خان جي ڪال تائين جاري رهندي، هن چيو ته پي ٽي آئي اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ پرامن سڏ ڏنو، هو پنهنجي جائز حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، سندن پارٽي سان جبر ڪيو ويو، علي امين گنڊاپور الزام لڳائيندي چيو ته اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي تي گوليون هلايون ويون، سوين ڪارڪن شهيد ٿيا، سوين ورڪرن کي گوليون لڳيون آهن، هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،
علي امين گنڊاپور چيو ته اڍائي ورهين کان سندن پارٽي کي ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻايو پيو وڃي، عدالتن مان انصاف ناهي ملي رهيو، اسان جو ليڊر جيل ۾ آهي، سندس گهرواري کي جيل ۾ وڌو ويو،
سندس چوڻ هو ته مٿس 9 مئي جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن، ڪو هڪ وڊيو ڏيکاريو جتي هو هجي، ملڪ جي وڏي وزير کي انصاف نه ملي سگهي ته عام ماڻهوءَ جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ قوم تي گوليون وسائي غلام نه ٿو بڻائي سگهجي، هي صوبو پنهنجو حق ۽ مينڊيٽ وٺڻ ڄاڻي ٿو، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير احتجاج ۾ شامل پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش ڪندي ڪارڪنن تي تشدد جي ايف آءِ آر پنهنجي فرياد ۾ داخل ڪرائڻ ۽ شهيد ورڪرز جي پونئرن لاءِ معاوضي جو اعلان ڪيو