
پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آئي ) پاران باني جي سڏ تي احتجاج ختم ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ انتظاميا وفاقي راڄڌاني جا سمورا داخلي ۽ خارجي رستا ٽريفڪ لاءِ بحال ڪري ڇڏيا آهن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس پڻ بحال ڪئي وئي آهي
پاڪستان تحريڪ انصاف پاران احتجاج ختم ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جي هدايتن تي وفاقي گادي واري شهر جي سمورن داخلي ۽ خارجي رستن تان رڪاوٽون هٽائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي،
اسلام آباد انتظاميا جي هدايتن تي فيض آباد جا سمورا بس ٽرمينل به کوليا ويا آهن، چونگي نمبر 26 جا ٻئي پاسا ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا، سرينگر هاءِ وي کي به بحال ڪيو ويو
اهڙي طرح فتح جنگ روڊ، پشاور روڊ ۽ سنگجاني ٽول پلازه، ڪٽي پهاڙي، مارگله ايونيو ۽ جي ٽي روڊ تان به رڪاوٽون هٽايون ويون آهن