
پرڏيهي خابرو اداري موجب شديد برفباري سان ٽريفڪ نظام ڊانوانڊول ٿي ويو آهي، بجلي جي فراهمي متاثر آهي، 200 کان وڌيڪ اڏامون ۽ 70 فيري سروسز به معطل ٿي ويون آهن،
ميڊيا رپورٽن موجب اوڀر هاءِ ويز تي ٽريفڪ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته عمارتن، تعميراتي سائٽس تان ڪرندڙ ملبي سبب ڪيترائي واٽهڙو زخمي ٿي پيا، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ برفباري جي خدشي کي ڏسندي اختيارين طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي
ڏکڻ ڪوريا جي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هن وقت 18 انچن تائين برف پئجي چڪي آهي، اها 1907 کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ برفباري آهي.