
ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي فلڊ ريھبليٽيشن پراجيڪٽ تحت 100 روڊ مڪمل ڪيا ويا آهن، سرڪاري ڪاغذن مطابق ھن پراجيڪٽ تحت ھن وقت تائين 570 ڪلوميٽر جا رستا مڪمل ڪيا ويا، 2022ع ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي روڊ تباهه ٿي ويا ھئا جنهن جي ڪري ماڻھون وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رھيا هئا
ايڏي وڏي تباهي ۽ عوام جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت فلڊ ايمرجنسي ريھبليٽيشن پراجيڪٽ ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان سان 143 روڊ ٺاهڻ شروع ڪيا، پراجيڪٽ تحت برساتن ۽ ٻوڏ سبب 19 ضلعن اندر 868 ڪلوميٽر روڊ 2025 ۾ تعمير ڪرڻا ھئا
پراجيڪٽ تحت مختلف علائقن ۽ ڳوٺن جن جو پاڻ ۾ رابطو برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪٽجي ويو هو ان کي بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ زميندارن ۽ ھارين کي انهن جو فصلي پيداوار شھرن جي مارڪيٽن تائين پھچائڻ جي سھولت به ڏيڻي ھئي
ڄاڻايل پراجيڪٽ نه صرف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ سھولت ڏني پر ان سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا به وڌايا،
پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اصغر ڪناسرو جو چوڻ آهي ته سنڌ فلڊ ايمرجنسي بحالي جو منصوبو نه صرف انجنيئرن جي مھارت جو ثبوت آهي پر ان ۾ مقامي ٺيڪيدارن، قومي ماھرن ۽ ڪميونٽي جي پرعزم ماڻهن جون ڪوششون به شامل آهن
پراجيڪٽ ڊائريڪٽر وڌيڪ چيو ته سموري طبقي بحالي ۽ تعمير جي گڏيل مقصد لاءِ جذبي سان ڪم ڪيو.